ترائيءَوارو تڪيو

ترائيءَوارو تڪيو

ترائيءَوارو تڪيو

ترائيءَوارو تڪيو: شاهه لطيف جو ترائيءَ وارو تڪيو، مدئجي ضلعي شڪارپور ۾ آهي، تاريخي ورقن کي اٿلائڻ ۽ روايتن مان خبر پوي ٿي ته شاهه لطيف اڄ کان اڍائي سؤ سال اڳ 1748ع ڌاري مدئجيءَ ۾ آيو هو. مختلف ڄاڻو ذريعن موجب شاهه سائين ست سال انهيءَ ماڳ تي رهيو ۽ هتان ڪوچ ڪرڻ کان پوءِ وڃي ڀٽ وسايائين. ڄاڻايل هنڌ تي ڀٽائي سرڪار پنهنجي هٿن سان هڪ مسجد، فقيرن جي رهائش لاءِ هڪ اوتارو ۽ انهيءَ اوتاري جي اڱڻ ۾ پاڻيءَ جو کوهه کوٽائي ڪرايو هو، جنهن جي اوساري ۽ اڏاوت جو ڪم پاڻ لطيف سرڪار فقيرن سان گڏجي ڪيو هو، جيڪي اڄ به موجود آهن. ان کان علاوه عظيم صوفي بزرگ جي تبرڪات ۾ سندس جبو (چولو) هڪ عدد ٽوپي (ڪلاهه)، چاکڙي، ڪاٺ جي جتي، ٻهارو ۽ ميڻ بتي اڄ به ڪماريه خاندان وٽ موجود آهن. ان جو ذڪر علي محمد شاهه راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ پڻ ڪيو آهي.
1982ع ۾ فقير نور محمد ڪلهوڙي سندس وڏي فرزند فقير عبدالڪريم ڪلهوڙي رازي فقير ڪوڙل کان تڪيي واري هنڌ هڪ قبو تعمير ڪرايو، جنهن جي چوڌاري شاهه سائينءَ جي شاعريءَ مان ڪيترائي سهڻا ۽ دلڪش بيت نقش ڪيا ويا آهن. مرحوم نصرت حسين ابڙي لاکيڻي لطيف جي تڪيي تي 1986ع کان 1990ع تائين ”تڪيو ڀٽائي يادگار“ ڪاميٽي ٺاهي ان جي طرفان ميلا به لڳرايا. ميلن ۾ شاهه صاحب جا پانڌيئڙا ڏورانهن علائقن کان اچي پنهنجي مرشد سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندا هئا. شاهه سائينءَ جي شاعريءَ تي ادبي محفلون به ٿينديون هيون، ملاکڙو ۽ ڪوڏي ڪوڏي رانديون به ٿينديون هيون. 1990ع کان پوءِ ٻيهر ميلا نه لڳي سگهيا آهن. هن وقت 12 رجب المرجب تي هر سال، تڪيي تي لطيف سائينءَ جي ٽهائي ملهائي ويندي آهي. جنهن ۾ پري پري کان عقيدتمند اچي شريڪ ٿيندا آهن. ان کان سواءِ تڪيي تي اڪثر سکائون به اينديون آهن. هن وقت هي تاريخي آثار سم ۽ ڪلر سبب تباهه ٿي رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو